Dr. Arbab Khawar

کاهوڙي کجن

Arbab Khawar

Late Dr. Arbab Khawar

اعجاز منگي
اها وطن دوست انقلابي پارٽي پارٽي ڪٿي آهي؟
ڪٿي آهي، ان پارٽيءَ جو پرچم؟
جيڪو ڪفن بڻجي سگهي، سنڌ جي ان انقلابيءَ جو!
توڙي جو اڄ لاڙڪاڻي ۾ “ٻيڙيون ٻڌڻ وارن جي يونين” موجود ناهي پر هن جي وڇوڙي تي روهڙيءَ جي “لوڪوشيڊ” ۾ پراڻيون انجڻيون زنگيل ماٺ ۾ ماتم ڪري رهيون آهن.
آڻيو! ڪٿان ته آڻيو……!


اهي سائڪلو اسٽائل ڊاڪيومينٽ، جيڪي هو تاريخ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ لکندو هو.ڪٿان ته کڻي اچو!
بيوفائي جو شڪار ٿيندڙ دلين جهڙا ڦاٽل ساٽل اهي جهنڊا، جيڪي تاريخ جي مقتل ۾ محفوظ ٿيڻ جو حق نه حاصل ڪري سگهيا.
هو جيڪو شيڪسپيئر جي نچندڙ ستاري جي هيٺان پيدا ٿيندڙ شهزادو نه هو پر هن جي موت جي چانڊڪا جي آسمان ماڪ ڦڙن جي صورت لڙڪن جو مينهن ضرور وسايو هوندو.
هو جنهن جي ابدي الوداع جي خبر ڪنهن به ٽي وي چينل جي بريڪنگ نيوز نه بڻجي سگهي ۽ اهو افسوسناڪ اطلاع اڄ تائين انقلابي آدرش سان ول جيان ويڙهيل جوهيءَ جي ڊاڪٽر حميد سومري ڏنو. هڪ اداس ايس ايم ايس جي جهيڻي جلترنگ تي جاڳي پيا، اهي سڀ منظر جيڪي پراڻي پيار وانگر وسارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، اها سنڌ جنهن جي قسمت ۾ هاڻي شايد سچي پيار جهڙي سياست ناهي. اها سنڌ جيڪا هاڻي پاور ڪاريڊورز جي ريمپ تي ڪجهه مغرور، ڪجهه مجبور ۽ ڪجهه مظلوم ماڊل وانگر هلي رهي آهي.
ان سنڌ ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو عشق وڏيرڪي قومپرستيءَ جي سياسي حويليءَ جو راز رهي نه سگهيو. هن قومي تحريڪ کي ڳاڙهو کهنبو پارايو هو ۽ پنهنجي ديس کي ائين چاهيو هو، جيئن هوچي منهه ويٽنام سان محبت ڪندو هو. هن مٿان ڪيترائي الزام لڳا پر انقلابي عاشق هر الزام کي اعزاز سمجهيو ۽ سڀ ڪجهه وساري هو مارڪسي فلسفي سان وڏيرن ۽ ورديءَ وارن هٿان زخمي ٿيل ديس جو سياسي علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
هو جنهن مارڪسزم سان ائين محبت ڪئي هئي، جيئن ڳوٺن جون باغي ڇوڪريون “ڪارو ڪاريءَ وارين ڪهاڙين” تان اگهاڙن پيرن سان پنڌ ڪري پنهنجي محبوب سان هم آغوش ٿيڻ جو حق حاصل ڪنديون آهن!
هن جي سياسي ابتدا سن کان ٿي هئي پر هو سائنسي دماغ جو ماڻهو هو ۽ هن کي تمام جلد محسوس ٿي ويو ته غيرمنظم ۽ غير سنجيده انداز سان ديس جي درد جو علاج نه ٿي سگهندو. ان ڪري هن پنهنجي الڳ تنظيم جو بنياد وڌو. اها جيئي سنڌ ۾ پهرين پروگريسو بغاوت هئي، جيڪا ناڪام نه ٿي. ۽ هن صرف نعرا نه هنيا پر هن نظرياتي ڪم ڪيو. هن مذدورن کي انهن جي سادي ٻوليءَ ۾ سنجيده موضوعن تي ليڪچر ڏنا ۽ هن مارڪسزم کي پنهنجي وطن جي ڇوٽڪاري جي واٽ قرار ڏنو ۽ هو پنهنجي قول توڙي فعل ۾ هڪ ڪرو هو. هو هڪ ايماندار انقلابي هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪارڪنن جي سلسلي ۾ ٻٽا معيار نه رکيا. هن ڪڏهن به پنهنجي انقلابي علم ۽ عقل سان عورتن کي پنهنجي طرف ڇڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هن پنهنجي تحريڪ کي ائين نه وڪيو، جيئن وڏيرا هارين پاران اپايل ان کي وڪرو ڪندا آهن. هن پنهنجي تحريڪ تي ڪرپشن جا ٿريشر نه هلرايا.
هو هوشيار هو. هو ذهين هو. هن جي گفتگو توڙي تجزئي جو انداز تمام گهڻو اثرائتو هو. ان ڪري هو قومپرستيءَ جي اثر هيٺ آيل نوجوانن کي جلد موهي وٺندو هو ۽ جيڪڏهن هن جي نيت ۾ استحصال جو عنصر هجي ها ته هو به پنهنجي “کهاوڙ خاندان” جو حوالو هلائي سگهي ها ۽ جوڙي سگهي ها “کهاوڙ هائوس” پر هن پنهنجي ساٿين جو رت ته ڇا پر سندن وجود مان وهيل پگهر به وڪرو نه ڪيو. هو سمورا خطرا کڻي وڙهندو رهيو ۽ تمام گهڻي مالي مشڪلاتن ۾ به انقلابي راهه تي رڙهندو رهيو. هن کي سوشلزم جي سائنسي فڪر جيئن سمجهايو، هن اهڙا فيصلا ڪيا. جڏهن جنرل ضياءَ جي آمريت هن ديس جي مٿان آفت وانگر ڇانيل هئي، تڏهن هن روپوشيءَ جي حالت ۾ جمهوري جدوجهد کي منظم ڪيو. هو پنهنجي عملي توڙي فڪري انداز ۾ مڪمل آزاد هو. هن نه ڪڏهن چين جا نعرا هنيا ۽ نه روس جي ونگار وهيو. هو پنهنجي وطن سان واڳيل رهيو. هو ڪڏهن ڪچي ۾ هلندو هو ته ڪڏهن پڪي ۾! ڪڏهن لاڙ ۾ ته ڪڏهن اتر ۾! ڪڏهن ڳوٺن ۾ ته ڪڏهن شهرن ۾! هن ۾ هڪ جوش هو. جنون هو. پر ساڳي وقت هن ۾ غضب جو ٺهراءُ هو. هو پنهنجي غصي جو زهر ۾ صبر جي امرت ۾ تبديل ڪري سگهندو هو.
۽ هن کي اهو سڀ ڪجهه عطا ٿيو، ان علم مان! جنهن تي هو عاشق هو ۽ هن کي يقين هو ته صرف سياسي علم جي روشنيءَ سان منور انقلابي ئي تاريخ جي ڌارا کي تبديل ڪري سگهندا. ان ڪري هن تڪڙ نه ڪئي. جيتوڻيڪ هن جي پارٽيءَ پاران هڪ اڌ ايڊوينچر ٿيو پر هن پنهنجا پير جلد سنڀالي ورتا ۽ سياسي ڪارڪن جي هٿ ۾ ڪمائي لاءِ هن ڪڏهن پستول نه ڏنو. هن جڏهن به پنهنجي ڪارڪن کي ڪجهه ڏنو ته ڪو ڪتاب ڏنو يا ڪو ليڪچر ڏنو يا هن سان سماجي سائنس تي ڪا گهري فڪري ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ پيداواري اوزارن جي تبديليءَ سبب سماج اندر پيدا ٿيندڙ تبديليءَ تي ڪي جاندار دليل پيش ڪيا. هن جي ڪيتري نه خواهش هئي ته هو سنڌ کي اهڙو نسل عطا ڪري جيڪو پنهنجي ڪردار ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف ويٽنام جون سڪون لاهي. هن کي معلوم هو ته جنرل گياپ پيدا ٿي پوندا ۽ جيڪڏهن انقلابي پارٽي منظم انداز سان جدوجهد ڪندي رهي ته آمريڪا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي پر هن جا سمورا سنڌي سرخ سپنا ائين اڏامي ويا، جيئن ڪنهن انقلابيءَ کي وچ روڊ تي گولي لڳي ۽ هن جا پمفليٽ اڏامندا وڃن! پر هن پوءِ به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ سڀ کان وڏي اهم ۽ ڳالهه ته هن ڪڏهن به پنهنجي ماضيءَ واري جدوجهد کي قوم مٿان احسان ڪرڻ واري حوالي طور سامهون نه آندو. هن ڪڏهن به نه چيو ته مون هي قربانيون ڏنيون آهن، ان ڪري مون کي هي ڏنو وڃي يا هو ڏنو وڃي! نه ڪڏهن به نه!!
سچي ڳالهه اها اهي ته سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ سبب هن جي اندر ۾ ڪا شيءَ ٽٽي پئي ۽ هو دنيا جي لکن مارڪسسٽن وانگر پنهنجي زندگيءَ جي گمنام گوشي ۾ ماٺ ٿي ويهي رهيو ۽ ان خاموشيءَ ۾ به هن ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ۽ پر هو غير انقلابي سياست لاءِ بنيادي طور تي مس فٽ ماڻهو هو. ان ڪري هن کي ڪا به اقتداري سياست راس نه آئي ۽ هو تمام گهڻن مسئلن ۽ مونجهارن جي باوجود به بار بار موٽي ويندو هو، انهن ڪتابن جي طرف جيڪي هن جي ذات مٿان پيل وزن کي هلڪو ڪندا هئا. جيڪي هن جي ٿڪل من کي آٿت ڏيندا هئا. جيڪي هن جي ڪن ۾سڙٻاٽ ڪري چوندا هئا ته “ڪامريڊ کهاوڙ! هي موقعي پرستيءَ جو دور گذري ويندو. تنهنجو انقلابي سچ هڪ ڏينهن نئن گاج تي نچندو ۽ اهو واعدي وارو سورج ضرور اڀري ايندو، جنهن جا اجرا ڪرڻا هر ناانصافيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا” هن کي ڪتابن تي اعتبار هو. ان ڪري هو وري خاموش ٿي ويندو ۽ وري منهن مونن ۾ وجهي انقلابي انتظار جي علامت بڻجي ويندو هو.
ڇا هن جي جدوجهد اجائي هئي؟ ڇا هو هڪ ناڪام شخص هو؟ اهي انسان جن جا عهدا ازل ۾ هوندا آهن، انهن جو اصل قد ڪڇڻ لاءِ وقت به ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي. هن جسماني طور تي ٽي ٻار پيدا ڪيا پر هن جي فڪري ۽ شعوري اولاد تمام گهڻي آهي ۽ هن جي اها اولاد اڄ به جتي آهي، اتي ڪنهن شمع وانگر روشن آهي. هن جنهن به نوجوان تي پنهنجي علم ۽ عقل جو پاڇو وڌو اهو نوجوان اڄ به پنهنجي مخصوص ذهانت سبب ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هو اڄ به ڪتابن سان محبت ڪري ٿو ۽ هن کي هن مدي خارج ۽ ميري گدلي ڍنڍ جهڙي سياست جو سائنسي تجزيو ڪرڻ اچي ٿو. هن ۾ اڄ به جيڪو اعتماد آهي، اهو صرف ان علم جي ڪري آهي، جيڪو علم انسانن ۾ بغاوت جا ڀنڀٽ ڀڙڪائيندو آهي ۽ انسان جي اندر ۾ موجود وهمن ۽ وسوسن جا ڪيئي جهنگ جلائيندو آهي. جيڪو هن کي ڌرتيءَ جي ٿوڻي ۽ آسمان جو ٿنڀو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هن کي مجبور ڪندو آهي ته هو سستي حياتي جيئڻ بدران ڪوئي مهانگو موت قبول ڪري! اهڙو علم هن پنهنجي ديس جي ان اوپن ايئر يونيورسٽيءَ ۾ ڏنو، جنهن جو نالو “سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي” هو. اها هڪ ماڊل پارٽي هئي، اهڙي پارٽيءَ اڄ ڏينهن تائين جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي.
سرڪش حالتن سان منڊو اٽڪائي ڪنهن وقت ٿڪجي پوندڙ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڪجهه وقت ڪنهن سان رهيو ۽ ڪجهه وقت ڪنهن سان رهيو؟ اهي سوال اهم ناهن.ا صل ڳالهه اها آهي ته هو اصل ۾ اسان جو هو. هن ديس جي مظلوم ماڻهن جو هو. سنڌ جي مذدورن ۽ ڪسانن جو هو. هن کي طبقاتي نظام کان نفرت هئي ۽ هو ان سنڌ جا سرخ سپنا ڏسندو، جنهن جي هڪ جهلڪ لطيف جي ان بيت ۾ به آهي ته:
“نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل
مارون پاڻ امل، مليران مرڪڻو!”
هو هن مٽيءَ جو اهڙو انقلابي مارو هو، جنهن تي سياسي ملير کي بجا طور تي فخر هجڻ کپندو هو. ڇو ته هو اجرو هو، ڪنهن ڪنول وانگر! هو سرڪش هو، ڪنهن پرلئه وانگر! ۽ هو مستقل محنت ڪندڙ هو، ڪنهن مذدور وانگر!
اهڙا ماڻهو هاڻي هن ديس جي مقدر ۾ ڪٿي آهن؟
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ هر ڏينهن پيدا نه ٿيندا آهن!
اهڙن انسانن کي جنم ڏيڻ لاءِ فلڪ کي ڪيتري وقت تائين ڦرڻو پوندو آهي!
اهڙا انسان سياست جي سپ جا موتي هوندا آهن. اهو موتي جيڪو سنڌ جي نٿ جي زينت بڻجي پئي سگهيو پر اهو موتي سنڌ جي ڪجل ڀري اک مان ڪنهن سرمئي لڙڪ وانگر لڙيو ۽ هن ديس جي ميري دامن ۾ جذب ٿي ويو!

Courtesy: Sindhi daily Sindh Express, March 14, 2016
Read more: http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130372222&Issue=NP_HYD&Date=20160315#.VudvpePZ7z8

Advertisements

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري